23مارچ ڀڳت سنگهه راج گرو ۽ سک ديو جي شھادت جو ڏينهن .. انقلابيءَ ، حق جي راهه ۾ حياتي قربان ڪندڙ شھيد آھن .. اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها آزاد هوا ڇا ٿيندي آ! اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها پرواهه بنان پر ڪيئن هوندا آزاد فضا ڇا ٿيندي آ! اي ڪاش، اهو تون ڳائين ها. ڪالهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي جو گيت اڌورو ڳاتو هو! اي ڪاش، اهو تون پائين ها. جو هارُ هوائن ۾ لڏندي ڪالهه تانتيا ٽوپي پاتو هو! تاريخ جي خوني گلين مان هر وقت صدا ڪا ايندي آ هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ! ڄڻ ’او ڊائر‘ جي ڪا گولي اڄ تائين توکي تاڙي ٿي! ۽ تنهنجا تنهنجي مقتل ڏي ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿي. تاريخ بُکايل چيتي جئن چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿي. اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها. ڇا تن جي قيمت ڇا ٿيندي آ جنهن آزاديءَ جا گيت چيئه اي ڪاش! اِهو تون ڄاڻين ها سا آزادي ڪٿ نيندي آ! اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها، سا آزادي ڪيئن ايندي آ! (اياز) #PGFInt پنجابي گريجوئيٽس فورم انٽرنيشنل

 23مارچ ڀڳت سنگهه راج گرو ۽ سک ديو جي شھادت جو ڏينهن ..

 

انقلابيءَ ، حق جي راهه ۾ حياتي قربان ڪندڙ شھيد آھن ..


اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها

آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها

پرواهه بنان پر ڪيئن هوندا

آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش، اهو تون ڳائين ها.

ڪالهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي

جو گيت اڌورو

ڳاتو هو!

اي ڪاش، اهو تون پائين ها.

جو هارُ هوائن ۾ لڏندي

ڪالهه تانتيا ٽوپي پاتو هو!

تاريخ جي خوني گلين مان

هر وقت صدا ڪا ايندي آ

هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي

ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ!

ڄڻ ’او ڊائر‘ جي ڪا گولي

اڄ تائين توکي تاڙي ٿي!

۽ تنهنجا تنهنجي مقتل ڏي

ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿي.

تاريخ بُکايل چيتي جئن

چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿي.

اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها.

ڇا تن جي قيمت ڇا ٿيندي آ

جنهن آزاديءَ جا گيت چيئه

اي ڪاش! اِهو تون ڄاڻين ها

سا آزادي ڪٿ نيندي آ!

اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها،

سا آزادي ڪيئن ايندي آ!

(اياز)

#PGFInt

پنجابي گريجوئيٽس فورم انٽرنيشنل



Comments

Popular posts from this blog

صوبائی زبانوں کو فوراَ نافذ اور قومی زبان کے لیے آئینی ترمیم کی جائے۔

Triple Role of Punjabi Is An Urge To Revive The Punjabi Nationalism.

The Rise of Punjabi Nationalism.